اسلام آباد: پي ٽي آءِ جي ڌرڻي دوران شهيد ٿيل رينجرز اهلڪارن جي جنازي نماز چڪلالا گيريزن ۾ ادا ڪئي وئي. جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف، آرمي ڇيف جنرل عاصم منير، ناب وزيراعظم اسحاق ڊار، گهرو وزير محن نقوي ۽ ٻين وڏي تعداد ۾ شڪت ڪئي. فوجي ترجمان موجب جنازي نماز بعد شهيد اهلڪارن لاش سند اباڻن علائقن ڏانهن روانا ڪيا ويا. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان خونريزي جو متحمل نه ٿو ٿي سگهي، افراتفري، پرتشدد ڪارروايون ناقابل قبول ۽ انتهائي قابل مذمت آهن. هن چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پرتشدد ڪاررواين ۾ صبر جو مظاهرو ڪيو، پوري قوم رينجرز ۽ پوليس جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته شهيدن ۾ نائيڪ محمد رمضان، سپاهي گلفام خان ۽ سپاهي شاهنواز شامل آهن.