سياسي ڇڪتاڻ، ايڪسچينج ڪريش، 3800 پوائنٽس جي گهٽتائي

ڪراچي : اسلام آباد ۾ جاري سياسي ڇڪتاڻ جي ناڪاري اثرن جي نتيجي ۾ پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ (پي ايس ايڪس) ’ڪريش‘ ٿي وئي، اڱاري ڏينهن واپار جي اختتامي لمحن ۾ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 3 هزار 800 پوائنٽس جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي،اڄ صبح اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروبار جي شروعات منفي زون ۾ ٿي ۽ هڪ ئي وقت 100 انڊيڪس 97 هزار 361 پوائنٽس جي سطح تي پهچي ويو، بعد ۾ بينڪن جي شعبي ۾ وڏي سيڙپڪاري جي ڪري مارڪيٽ واپس موٽيو. صبح 11:15 تي انڊيڪس 1,642 پوائنٽس يا 1.68 سيڪڙو وڌي 99,723 پوائنٽن تي پهچي ويو. جڏهن ته، 12:35 تي اهو 2,281 پوائنٽس يا 2.33٪ گهٽجي ويو 95,798 پوائنٽن تائين رهيو،

Stock exchange crash