بيلاروس جو صدر اسلام آباد پهچي ويو: اڄ اهم ملاقاتون: ٻه طرفي سهڪار وڌائڻ تي ڳالهيون ٿينديون

اسلام آباد : بيلاروس جو صدر اليگزينڊر لوڪا شينڪو ٽن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهچي ويو، وزيراعظم شهباز شريف سندس آجيان ڪئي، پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب، بيلاروس جي صدر جي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاهدن ۽ مفاهمتي ياداشت نامن تي صحيحون ڪيون ويندون، صدر اليگزينڊر لوڪاشنڪو جي آمد کان اڳ بيلاروس جو اعليٰ سطحي وفد اسلام آباد پهتو هو، وفد ۾ پرڏيهي وزير سميت 43 ڪاروباري شخصيتون شامل آهن، ڪالهه پاڪستان ۽ بيلاروس وچ ۾ بزنس ٽو بزنس 8 مفاهمتي ياداشت نامن ۽ معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون، بيلاروس جي توانائي واري وزير اليڪسي ڪشنا رينڪو سميت ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري شخصيتن تقريب ۾ شرڪت ڪئي، بزنس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير ڄام ڪمال چيو آهي ته ٻنهي ملڪن کي توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ذريعي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي، وفاقي وزير عطاءَ تارڙ چيو آهي ته بيلاروس جي صدر جو دورو وڏي اهميت وارو آهي، عوام ڏڦيڙ جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي، عوام ترقي جي سياست سان گڏ آهي.

Belarus president arrives in pakistan