پاڪستان ڪميونٽي هيلٿ ورڪرز فيڊريشن جو قيام هيلٿ ورڪرز لاءِ هڪ تاريخي موقعو آهي

ڪراچي: پاڪستان جي چئني صوبن مان 20.000 کان وڌيڪ عورت ڪميونٽي هيلٿ ورڪر پاڪستان ڪميونٽي هيلٿ ورڪرز فيڊريشن ٺاهڻ لاءِ متحد ٿي ويون آهن.

ملڪ جي پهرين نيشنل ڪميونٽي هيلٿ ورڪرز اينڊ ايمپلائيز يونين سڄي ملڪ ۾ بنيادي صحت جي سارسنڀال فراهم ڪرڻ واري عورتن جي ڏهاڪن کان هلندڙ جدوجهد ۾ هڪ اهم موڙ اچي ويو آهي.

چئني صوبن جي عورت يونين اڳواڻن جو ڪميونٽي هيلٿ ورڪرز، پوليو ورڪرز ۽ ڪميونٽي دائين کي پيش ايندڙ گڏيل مسئلن، عورت پوليو ورڪرز تي حملن ، حراسان ڪرڻ ، گهٽ ۾ گهٽ اجرت کان انڪار، پگهارن ۾ دير ۽ گهٽتائي جهڙي مسئلن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ قومي فيڊريشن
ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.

ليڊي هيلٿ ورڪرز پروگرام، جيڪو 1994 ۾ اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو شروع ڪيو هو، 30،000 ورڪرز کان وڌي 125،000 ورڪرز تائين پهچي ويو آهي. اهي ڪارڪن پاڪستان جي بنيادي صحت جي سار سنڀال جي نظام ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿيون. خاص ڪري ڳوٺاڻن ۽ گهٽ سهولت واري علائقن جون عورتون . هڪ ڪامياب جدوجهد کان پوءِ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي سڀني ليڊي هيلٿ ورڪرز 2012 ۾ ريگيولرائزيشن حاصل ڪئي ، جيڪا انهن جي پهرين وڏي ڪاميابي هئي. ان جي باوجود اڄ به پوليو ورڪرز کي باقاعدي ۽ گهٽ ۾ گهٽ اجرت کان محروم رکيو پيو وڃي.

پي ايس آءِ جي ايشيا پيسفڪ ريجن جي لاءِ ريجنل سيڪريٽري ڪيٽ ليپن نيشنل ڪنونشن ۾ شرڪت ڪئي ۽ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو ته “ پبلڪ سروسز انٽرنيشنل(PSI)، ڪميونٽي هيلٿ ورڪرز کي سڄي پاڪستان ۾ متحد ۽ منظم ڪرڻ ۾ مدد ڪري رهي آهي.  پاڪستان ۾ پهرين يونين ، آل سنڌ ليڊي هيلٿ ورڪرز اينڊ ايمپلائيز يونين کي قانوني طور تي قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪندي رهي آهي”.

ڪنزه ملڪ ، پنجاب صوبي مان پوليو ورڪر ۽ پاڪستان ڪميونٽي هيلٿ ورڪرز فيڊريشن جي سيڪريٽري يوٿ افيئرز جو چوڻ آهي ته “اسان سخت موسمي حالتن ۾ مسلسل ڪم ڪندا آهيون ، پر هڪ انسان جي حيثيت سان اسان جو احترام نه ڪيو ويندو آهي. اسان جي فيڊريشن جو اتحاد ان رجحان کي تبديل ڪندو ته جيئن اسان پنهنجا حق حاصل ڪري سگهون .”

خيبرپختونخواهه صوبي سان تعلق رکڻ واري ۽ پاڪستان ڪميونٽي هيلٿ ورڪرز فيڊريشن جي چيئرپرسن رفاست بي بي جو چوڻ هو ته “اسان ڪميونٽي کي تعليم ۽ انهن جي ٻارن کي ويڪسين ڏيندا آهيون، پر اسان کي اڪثر نظر انداز ڪيو ويندو آهي.اسان جو آواز ٿيندي ۽ اسان پنهنجي سڃاڻ ، احترام ۽ هڪ جهڙي سلوڪ لاءِ وڙهنداسين. ”

بي بي جان بلوچ، بلوچستان جي هڪ ليڊي هيلٿ ورڪر ۽ پاڪستان ڪميونٽي هيلٿ ورڪرز فيڊريشن جي ايڊيشنل جنرل سيڪريٽري چيو ته “اسان روزانو ڊيوٽي دوران ميلن جا ميل پيدل هلنديون آهيون، خطرن ۽ مزاحمت کي منهن ڏينديون آهيون . اسان جو ڪم عورتن ۽ ٻارن جي جان بچائڻ آهي .اسان تحفظ ، احترام ۽ پنهنجي ڪم جي اعتراف جي تقاضا ڪريون ٿا، اسان جو مطالبو آهي ته  پاڪستان جي سرڪار ، ليڊي هيلٿ ورڪرز جي سروس اسٽرڪچر جو فوري طور اعلان ڪري.”

سنڌ جي ليڊي هيلٿ سپروائيزز ۽ فيڊريشن جي صدر ، حليما لغاري چيو ته “اسان حڪومت کي صحت جون سهولتون آئوٽ سورس ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين .اسان گڏجي عام صحت جي خدمتن جي حفاظت ڪندا سين. ”

پنجاب جي ليڊي هيلٿ سپروائيزر ۽ فيڊريشن جي جنرل سيڪريٽري راحيله تبسم جو چوڻ هو ته “ فيڊريشن سڀني ڪميونٽي هيلٿ ورڪرز  جي بنيادي حقن ۽ حفاظت کي يقيني بڻائيندي. ”

پي ايس آءِ جي ريجنل سيڪريٽري ڪيٽ ليپن جو چوڻ هو ته  پبلڪ سروسز انٽر نيشنل سڄي پاڪستان جي ڪميونٽي هيلٿ ورڪرز کي مبارڪباد ڏني آهي، جن پاڻ کي هڪ طاقتور نيشنل فيڊريشن طور منظم ڪيو آهي. اهي عورتون جيڪي عام صحت جي بهتري لاءِ پنهنجو پاڻ کي وقف ڪنديون آهن، نهايت ئي پري پري جي ڪميونٽيز کي مدد فراهم ڪنديون آهن، اهي ڪنهن به طرح سان عزت ، پنهنجي اصل اجرت ۽ باوقار ريٽائرمينٽ جون حقدار آهن.اسان ڄاڻيون ٿا ته پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ ڪارڪنن جي اتحاد سان ئي اهو سڀ حاصل ٿيندو . اسان فخر سان اعلان ڪريون ٿا ته اسان ڪميونٽي هيلٿ ورڪرز سان گڏ يڪجهتي سان لاڳيتو ڪم ڪندا رهنداسين .

سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي چئني صوبن مان ڪميونٽي هيلٿ ورڪرز جي هيٺين پنج وڏين يونينز متحد ٿي هن فيڊريشن جو بنياد رکيو آهي. انهن يونينز ۾1. پنجاب ليڊيز هيلٿ ورڪرز يونين ، شيخوپوره 2. ليڊيز هيلٿ ورڪرز يونين، فيصل آباد 3. آل سنڌ ليڊي هيلٿ ورڪرز اينڊ ايمپلائيز يونين 4. آل خيبر پختونخواهه ليڊي هيلٿ ورڪرز اينڊ اسٽاف يونين 5. بلوچستان ليڊي هيلٿ ورڪرز يونين شامل آهن .