منهنجي طلاق سبب ٻارن کي ڏکيائيون پيش آيون: جاويد شيخ

ڪراچي: پاڪستان شوبز انڊسٽري جي سينيئر اداڪار جاويد شيخ اعتراف ڪيو آهي ته طلاق سبب سندس ٻارن کي زندگي ۾ ڏکيائي جو منهن ڏسڻو پيو.جاويد شيخ تازو هڪ خانگي ٽي وي شو ۾ مهمان طور نظر آيو، جتي هن پنهنجي ناڪام شادي سبب ٻارن جي زندگين ۾ پيش ايندڙ مشڪلاتن بابت ڳالهايو.هن چيو ته مون 2 شاديون ڪيون آهن، پهرين شادي اداڪارا زينت منگي سان ڪئي هئي جنهن مان 2 ٻار مومل ۽ شهزاد پيدا ٿيا ۽ ٻي شادي اداڪارا سلميٰ آغا سان ڪئي هئي ۽ ٻنهي جي شادي رڳو 3 سال هلي. اداڪاره چيو ته منهنجي طلاق سبب منهنجي ٻارن کي زندگي ۾ ڏکي وقت کي منهن ڏيڻو پيو.هن وڌيڪ چيو ته جڏهن ٻار وڏا ٿي ويا ۽ منهنجي ڌيءَ مومل مون کي شادي کان اڳ چيو ته توکي هاڻي گهر اچڻو آهي، تڏهن مان گهر واپس هليو ويس ۽ پنهنجي ٻن ٻارن جي شادي جي موقعي تي پنهنجو فرض ادا ڪيو.جاويد شيخ چيو ته مان هاڻي زندگيءَ ۾ مطمئن آهيان ته مون پنهنجي ٻارن جي شادي جو فرض پورو ڪيو آهي.