سولر پينلز جي طلب ۾ گهٽتائي سبب بيٽرين جا اگهه گهٽجي ويا

اسلام آباد: ملڪ ۾ بيٽرين ۽ سولر پينلز جي طلب ۾ گهٽتائي سبب قيمتن ۾ رڪارڊ گهٽتائي ڏٺو ويو آهي.مارڪيٽ ذريعن موجب سولر پينلز جي قيمتن ۾ غير معمولي گهٽتائي سان گڏ سولر بيٽرين جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي آئي آهي.سولر بيٽري جي قيمت ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي کانپوءِ 4.5 لک روپين جي ليٿيم سولر بيٽري هاڻي 3 لک 80 هزار روپين ۾ دستياب آهي.اها بيٽري جيڪا 3 يا 4 لک روپين ۾ وڪرو ٿيندي هئي هاڻي ان جي قيمت 2 کان 2.5 لک روپيا آهي.ذريعن موجب ليٿيم بيٽرين جي صنعت ۾ نيون ڪمپنيون داخل ٿي چڪيون آهن،جيڪي سٺي پيشڪش ڪري رهيون آهن.واپارين جو چوڻ آهي ته سولر پينلز سميت بيٽرين جي خريد و فروخت سخت متاثر ٿي رهي آهي، جنهن ڪري سولر پراڊڪٽس جا اگهه تاريخي گهٽجي ويا آهن.

Due to decrease in demand for solar panels