ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڻي واري معاملي تي سنڌ جو موقف واضح آهي، ڪنهن کي به صوبي جو پاڻي چوري ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته اسان جي اسيمبلي ۾ ٻه ڀاڱي ٽي کان وڌيڪ نمائندگي آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو مسلم ليگ (ن) سان خدشن جو تفصيلي ذڪر ڪيو. (ن) ليگ سان ڳالهين ذريعي تحفظات ختم ڪرڻ چاهين ٿا.سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پاڻي جي معاملي تي سنڌ جو موقف واضح آهي.سنڌ جي حصي مان پاڻي جو هڪ ڦڙو به وڃڻ نه ڏيندا. ڪنهن کي به سنڌ جو پاڻي چوري ڪرڻ نه ڏينداسين.پوليو ڪيسن بابت ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته هو ملڪ مان پوليو جو خاتمو ضرور آڻيندا.پاڪستان ۾ پوليو جا 52 ڪيس سامهون آيا، بينظير ڀٽو پوليو جي خاتمي لاءِ انقلابي قدم کنيا، اسان کي ٻارن جي حقن جو خيال رکڻو پوندو. اسان کي پنهنجي ٻارن کي بهتر تعليم ڏيڻي آهي.