ڪابل: افغانستان ۾ مزار تي هٿياربند شخص نمازين تي فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا شهيد ٿي ويا. درگاهه تي فائرنگ انهي وقت ڪئي وئي جڏهن اتي هفتيوار محفل ۾ شرڪت ڪندڙ نماز جي ادائيگي ڪري رهيا هئا.واقعو صوبي بغلان ۾ واقع صوفي درگاهه ۾ پيش آيو، واقعي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جا به اطلاع آهن. عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب طالبان جي گهرو وزارت تصديق ڪندي چيو آهي ته حملي آور ضلعي نهرين ۾ صوفي بزرگ جي درگاهه ۾ هفتيوار تقريب ۾ موجود زائرين کي نشانو بنايو آهي.حملي جي متاثرين مان هڪ ڄڻي ٻڌايو ته حملو سيد پاچا آغا جي مزار تي انهي وقت ڪيو ويو جڏهن اتي عشاءَ جي نماز ادا ڪئي پئي وئي. درگاهه ۾ درجن کان وڌيڪ نمازي موجود هئا، شهيد ۽ زخمي ٿيندڙ نمازين کي ويجهين اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو جتي 10 ڄڻن جي شهيد ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي. پر اڃان تائين ڪنهن به شدت پسند گروپ حملي جي ذميواري قبول نه ڪئي آهي.