ڪراچي ۾ مقرر آمريڪي قونصل جنرل اسڪاٽ اربوم جو اتر سنڌ جو دورو

پاڪ-آمريڪا لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ ۽ معاشي ترقي ۾ مدد جاري رکڻ جوعزم

ڪراچي – آمريڪي قونصل جنرل اسڪاٽ اربوم 19 کان 22 نومبر تائين اتر سنڌ جو دورو مڪمل ڪيو، جتي هن پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ آمريڪا جي جاري وابستگي کي ٻيهر اجاگر ڪيو.

تعليمي ترقي، عورتن کي بااختيار بڻائڻ، صحت جي سار سنڀار کي بهتر بڻائڻ، ۽ ميونسپل خدمتن کي مضبوط ڪرڻ جهڙن قدمن ذريعي قونصل جنرل صوبي ۾ آمريڪي ترقياتي منصوبن جي تبديلي آڻيندڙ اثرن کي اجاگر ڪيو.

خيرپور ميرس ۾، قونصل جنرل اربوم حسين آباد گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ هڪ جديد اسٽيم (سائنس، ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ، آرٽس، ۽ رياضي) ليب جو افتتاح ڪيو. هي ليب، داؤد فاؤنڊيشن جي سهڪار سان آمريڪي قونصليٽ جي پبلڪ ڊپلوماسي گرانٽ تحت قائم ڪئي وئي آهي، جنهن جو مقصد پٺ تي پيل ڪميونٽيز لاءِ عملي سکيا کي فروغ ڏيڻ آهي.

اربوم چيو، "هي ليب آمريڪي حڪومت جي ان عزم جي عڪاسي ڪري ٿي، جيڪو تخليقي صلاحيتن کي هٿي ڏيڻ ۽ پاڪستان جي نوجوانن کي سندن مستقبل سنوارڻ لاءِ ضروري مهارتون فراهم ڪرڻ جا موقعا فراھم ڪريٿو.” هي اسڪول يو ايس ايڊ جي سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام تحت تعمير ٿيل 106 اسڪولن مان هڪ آهي، جيڪو سنڌ ۾

معياري تعليم تائين رسائي کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڪري رهيو آهي.

سچل سرمست لائبريري ۾،اسڪاٽ اربوم عورتن جي ڪاروباري تربيت لاءِ اڪيڊمي (اي ڊبليو اي) جي 2022 جي گروپ جي شرڪت ڪندڙن سان ملاقات ڪئي، جن کاڌي ۽ دستڪاري جهڙن شعبن ۾ ڪامياب ڪاروبار شروع ڪيا آهن. اربوم چيو، "خودمختيار عورتون ترقي جي راهه ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگھن ٿيون، ۽ اسانکي اهڙن پروگرامن لاء مدد تي فخرآھي، جيڪي قابليتن کي اجاگر ڪن ٿا ۽ معاشي اڳواڻي لاءِ حوصلا افزائي ڪن ٿا.”

سکر آءِ بي اي يونيورسٽي ۾ اربوم انگلش ورڪس پروگرام جي 150 شاگردن سان ملاقات ڪئي، ھي پروگرام نوجوانن کي نوڪري ۽ ڪاروباري مهارتن سان آراسته ڪري ٿو. هن سنڌ ۾ 375 شاگردن جي تربيت لاءِ پروگرام جي ساراهه ڪئي ۽ شرڪت ڪندڙن کي مستقبل جي اڳواڻي لاء ھمٿايو.

ان موقعي تي، اربوم وائيس چانسلر ڊاڪٽر آصف احمد شيخ سان پڻ ملاقات ڪئي، جتي هن وينڊربلٽ يونيورسٽي ۽ سکر آءِ بي اي جي وچ ۾ آمريڪي حڪومت جي مالي سهڪار سان ٿيل تازين شراڪتن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هي شراڪت اسٽيم تعليم کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪورس ٺاھڻ، تدريسي طريقن، ۽ فئڪلٽي جي صلاحيتن کي مضبوط ڪرڻ تي زور ڏئي ٿي.

جيڪب آباد ۾ اربوم يو ايس ايڊ جي سهڪار سان هلندڙ جيڪب آباد انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (جسم) جو دورو ڪيو، جيڪو 133 بسترن تي مشتمل اسپتال آهي ۽ 10 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي صحت جون خدمتون فراهم ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي اسڪاٽ چيو ته، "اسان گڏجي عورتن، ٻارن ۽ پسمانده ڪميونٽيز لاءِ روشن مستقبل کي يقيني بڻائي رهيا آهيون.”

اربوم جيڪب آباد ۾ يو ايس ايڊ جي سهڪار سان قائم ٿيل پاڻي جي فلٽريشن پلانٽ جو پڻ دورو ڪيو، جيڪو 14,000 کان وڌيڪ خاندانن کي صاف پيئڻ جي پاڻي فراهم ڪري رهيو آهي. هن چيو، "صاف پاڻي تائين رسائي صحت ۽ خوشحالي لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿي. هي پلانٽ آمريڪا جي پائيدار ترقي جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو.”

مقامي عملدارن سان ملاقاتن دوران، اربوم ميونسپل خدمتن، جهڙوڪ فضلي جي خاتمي ۽ بنيادي ڍانچن لاءِ آمريڪي سهڪار جي حمايت کي ٻيهر واضح ڪيو ۽ انهن منصوبن کي پائيدار بڻائڻ لاءِ مقامي ماڻھن جي ڪوششن کي ساراهيو.

هي قدم آمريڪا جي ترقياتي سهڪار جي تسلسل جي نمائندگي ڪن ٿا ۽ آمريڪا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تعاون جي وسعت کي اجاگر ڪن ٿا. تعليم ۽ ڪاروباري موقعن کان وٺي صحت ۽ صاف پاڻي تائين، قونصل جنرل اربوم جون سرگرميون ان ڳالهه جي عڪاسي ڪن ٿيون ته آمريڪا سڀني پاڪستانين لاءِ هڪ روشن ۽ پائيدار مستقبل جي تعمير لاءِ پرعزم آهي.

appointed in KarachiUS Consul General Scott Arbom