مان ۽ جاويد ڇوڪرين کي دوست بڻائڻ ۾ مقابلو ڪندا هئاسين: سيد نور

ڪراچي: فلمساز ۽ هدايتڪار سيد نور پنهنجي جوانيءَ کي ياد ڪندي دلچسپ ڳالهيون ٻڌايون.سيد نور تازو ئي پي ٽي وي جي هڪ پروگرام ۾ مهمان طور نظر آيو، جتي هن پنهنجي جوانيءَ جا ڏينهن ياد ڪيا ۽ سڀني کي وندرايو.ان موقعي تي هن پنهنجي ڪيريئر سميت پنهنجي زندگيءَ بابت دلچسپ ڳالهه ٻولهه ڪئي.هن چيو ته مان ۽ اداڪار جاويد شيخ ڇوڪرين کي دوست بڻائڻ جو مقابلو ڪندا هئاسين ۽ اسان مقابلو کٽياسين ڇاڪاڻ ته جاويد شيخ شاديون ڪندو هو ۽ مان ئي دوستي ڪندو هوس.سيد نور پنهنجي تقرير جاري رکندي چيو ته مون کي ان سان ئي شادي ڪرڻي هئي جنهن سان مون کي محبت هئي ۽ جڏهن مون کي پيار ٿيو ته شادي ڪئي.پنهنجي زال ۽ اڳوڻي مشهور اداڪارا صائمه بابت ڳالهائيندي هن چيو ته صائمه ۾ ڪيتريون ئي خوبيون آهن، هوءَ تمام ذهين آهي، سندس يادگيري ۽ مشاهدي جي صلاحيت به تمام سٺي آهي.