بشريٰ بي بي جا ناقابل ضمانت وارنٽ جاري، گرفتاري ڪرڻ جو حڪم

راولپنڊي: عدالت 190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهرواري بشرا بي بي جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا 8 ٻڌڻين ۾ غير حاضري تي بشرا بي بي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.اڄ بشرا بي بي جي وڪيل طبي بنيادن تي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي، جنهن تي نيب جي وڪيل اعتراض اٿاريندي چيو ته بشرا بي بي جي ميڊيڪل ليڊي ريڊنگ اسپتال پشاور جي آهي، جڏهن ته اسلام آباد مان به 342 جو بيان جمع ناهي ڪرايو ويو.عدالت بشرا بي بي جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي نيب کي هدايت ڪئي ته بشرا بي بي کي 26 نومبر تي گرفتار ڪري پيش ڪيو وڃي ۽ بشرا بي بي جي ضامن کي شوڪاز نوٽيس پڻ جاري ڪيو ويو.

Non-bailable warrant issued for Basra Bibi