سنڌو درياءَ تي ڪئنال ٺاهڻ جو منصوبو: پ پ ۽ وفاقي حڪومت ۾ اختلاف شدت اختيار ڪري ويا

اسلام آباد: پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تڪراري منصوبا شروع ڪرڻ جي بجاءِ اسٽيڪ هولڊرز کي اعتماد ۾ ورتو وڃي، پنهنجي راءِ کي زبردستي لاڳو ڪرڻ جا منفي اثر پوندا سنڌو درياءَ تي وڌيڪ ڪئنالن جو وفاق جو منصوبو ڪالاباغ ڊيم جيان تڪراري بڻجي ويندو.

تفصيل موجب سنڌو درياءَ تي 6 ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي تي پيپلز پارٽي ۽ وفاقي حڪومت ۾ تڪرار شدت اختيار ڪري ويا. انهي حوالي سان پنهنجي وڊيو بيان ۾ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن سنڌ ۽ بلوچستان جا اعتراض نه ٻڌنداسين ته  اهو منصوبو تڪرار بڻجي ويندو. تڪراري منصوبن کي شروع ڪرڻ جي بجاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي ڀروسي  ۾ ورتو وڃي. ڀائيوارن سان ڳالهيون ڪري اتفاق راءِ قائم ڪريو، زبردستي پنهنجي راءِ کي ملڪ تي مڙهڻ جو منفي اثر پوندو. زبردستي راءِ مڙهڻ سان سياست، زراعت ۽ معيشت متاثر ٿيندي.

بلاول ڀٽو چيو ته ڪوشش آهي ته ڪالاباغ ڊيم جيان اهو تڪراري منصوبو نه بڻايو وڃي. جيڪڏهن اعتراض ختم نه ڪيا ويا ته پورو منصوبو تڪراري ٿي ويندو. جهڙي طرح ڪالاباغ ڊيم منصوبو تڪراري  ٿيو، هن سان به ساڳيو ڪم ٿيندو. وفاقي حڪومت اهڙو قدم نه کڻي جنهن سان سٺا منصوبا تڪراري بنجي وڃن. گڏجي اهڙا فيصلا ڪيا وڃن جيڪي ملڪ جي فائدي لاءِ هجن.

پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت پنهنجي فيصلي تي غور ڪري، اسان وفاقي حڪومت کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪنداسين پيپلز پارٽي گرين سنڌ جو منصوبو وفاقي حڪومت سان شيئر ڪندي، وفاقي حڪومت به پنهنجا پوائنٽس اسان سان شيئر ڪري. هن اهو به چيو ته پيپلز پارٽي زراعت کي معيشت جي ريڙهه جي هڏي سمجهي ٿي. اسان زراعت کي سپورٽ ڪرڻ جو مصوبو ٺاهيو آهي. سنڌ کي سرسبز بنائڻ جي منصوبي جي ڪاميابي جا خواهشمند آهيون.

بلاول ڀٽو چيو ته هارين کي سنڌ سرسبز منصوبي مان فائدو ڏيڻ چاهيون ٿا. پهرين مرحلي ۾ آباد علائقن ۾ ڪو آپريٽو فارمنگ شروع ڪرڻ چاهيون ٿا. وفاق طرفان تعاون ۽ مدد سان ننڍن زميندارن جي حوصله افزائي ٿيندي.

واضح رهي ته وفاق طرفان سنڌ مان پاڻي جي ورهاست جي حوالي سان شروع ڪيل منصوبي تي بلاول ڀٽو زرداري ناراض آهي ۽ هو اڳ ئي به چئي چڪو آهي ته سنڌ ڪينالز جي منصوبي تي پيپلز پارٽي سان مشاورت ناهي ڪئي وئي ۽ نه ئي وري اعتماد ۾ ورتو ويو آهي.