ڪراچي: سموري سنڌ ۾ هلندڙ سال ايڇ آءِ وي ايڊيز جي مريضن ۾ تيزي سان اضافو سامهون اچي ويو آهي.
انگن اکرن موجب هلندڙ سال جنوري کان آڪٽوبر تائين سڄي سنڌ ۾ ايڇ آءِ وي ايڊز جا 2 هزار 531 ڪيسز سامهون آيا آهن. ايڇ آءِ وي ايڊز سبب متاثر ماڻهن ۾ هڪ هزار 313 مرد، 615 عورتون ۽ 227 کدڙا فقير شامل آهن جڏهن ته 156 ٻارڙيون ۽ 220 ٻار به ساڳئي مرض ۾ مبتلا ٿيا.
انهي کان علاوه هلندڙ سال سڄي سنڌ ۾ ايڊز سبب متاثر 135 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. فوت ٿي ويندڙن ۾ 78 مرد، 20 عورتون، 2 کدڙا فقير، 11 ٻار ۽ 24 ٻارڙيون شامل آهن.
انهي کان اڳ جنوري کان ڊسمبر 2023 تائين ايڊز جا 3045 ڪيسز ۽ 227 فوتگيون رپورٽ ٿيون هيون. ياد رهي ته هيومن اميونو ڊيفيشنسي وائرس(ايڇ آءِ وي) هڪ اهڙو انفيڪشن آهي جيڪو جسم جي مدافعتي نظام تي حملو ڪندو آهي. ايڪوائرڊ اميونو ڊيفيشنسي سنڊروم(ايڊز) بيماري جو آخري اسٽيج آهي.