ڪراچي: ايئرچيف مارشل ظهير احمد بابر سدهو ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ منعقد دفاعي نمائش آئيڊياز 2024 جو دورو ڪيو ۽ مختلف اسٽالز جو جائزو ورتو.
آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فضائيه جي سربراهه ظهير احمد بابر سدهو نيشنل انڪيوبيشن سينٽر فار ايرو اسپيس ٽيڪنالاجي جي ذريعي مقامي صنعتن جي صلاحيت ۽ هنر کي هٿي ڏيڻ تي زور ڏنو.
آءِ ايس پي آر طرفان ٻڌايو ويو ته ظهير احمد بابر سدهو دوري جي دوران پرڏيهي وفد سان ملاقات به ڪئي، ملاقات ۾ ايرو اسپيس اوزارن جي خريد، وڪرو ۽ دفاعي صنعت ۾ پاڻ ڪفالت وڌائڻ بابت معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. پاڪ فضائيه جي سربراهه دفاعي صنعتي فريم ورڪ جي قيام جي حوصله افزائي ڪئي.
پاڪ فضائيه جي سربراهه ظهير احمد بابر سدهو چيو ته فريم ورڪ جو مقصد ايرو سپيس شعبي جي ترقي ۾ مسئلا ختم ڪرڻ آهي، ايرو سپيس قدمن کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ مقامي ۽ عالمي تعاون کي هٿي ڏيڻ ضروري آهي.
آءِ ايس پي آر طرفان وڌيڪ چيو ويو آهي ته اها نمائش دفاعي ۽ ايرو سپيس ٽيڪنالاجي ۾ اڳڀرائي جو بهترين مظهر آهي جيڪا ملڪي ۽ پرڏيهي شرڪت ڪندڙن کي ڌيان ڇڪرائڻ جو سبب آهي.