اسلام آباد: اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري اليڪشن ڪميشن جي توهين ڪيس ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اليڪشن ڪميشن کان معافي گهري ورتي.اليڪشن ڪميشن ۾ فواد چوڌري خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪئي.اڳوڻي وفاقي وزير اليڪشن ڪميشن کان هڪ ڀيرو ٻيهر معافي گهري ورتي، فواد چوڌري اليڪشن ڪميشن ۾ لکت ۾ معافي نامو جمع ڪرائي ڇڏيو.بعد ۾ اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي 10 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.