آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان جي معاشي ٽيم وچ ۾ ڳالهين جو پهريون دور ختم

اسلام آباد:  پاڪستان جي دوري تي آيل آءِ ايم ايف مشن ۽ پاڪستان جي معاشي ٽيم ۾ ڳالهين جو پهريون دور ختم ٿي ويو آهي.

ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب آءِ ايم ايف وفد ناڻي واري وزير محمد اونگزيب جي اڳواڻي ۾ پاڪستاني وفد سان ملاقات ڪئي جنهن دوران مملڪتي وزير علي پرويز، ناڻي وارو سيڪريٽري، چيئرمين ايف بي آر ۽ اسٽيٽ بينڪ جو گورنر به شريڪ ٿيا جڏهن ته آءِ ايم ايف وفد جي اڳواڻي نارٿن پورٽر ڪئي.

ناڻي واري وزارت جي ذريعن ٻڌايو آهي ته آءِ ايم ايف ۽ ايف بي آر وچ ۾ اڄ شام جو ٻيهر ڳالهيون ٿينديون جنهن ۾ ايف بي آر اختياريون آءِ ايم ايف وفد کي ٽرانسفارميشن پلان، ٽريڪ اينڊ ٽريس ۽ ريٽيلرز اسڪيم تي بريفنگ ڏيندا.

ذريعن موجب ٽرانسفارميشن پلان جي تحت ايف بي آر کي ڊيجيٽلائيز ڪرڻ  ۽ ٽيڪس وصولي لاءِ اي آءِ جو استعمال ڪرڻ شامل آهي. جڏهن ته ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جي تحت 5 شعبن ۾ سسٽم جي انسٽاليشن جو جائزو ورتو ويندو. روينيو شارٽ فال پورو ڪرڻ لاءِ پلان تي ايف بي آر انفورسمنٽ آرڊيننس تي آءِ ايم ايف کي بريف ڪيو ويندو.