اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ انڊيڪس 94 هزار جي سطح پار

ڪراچي: پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج اڄ صبح ڪاروبار جي مثبت شروعات ڪئي جتي 100 انڊيڪس نئون رڪارڊ قائم ڪيو.ٽريڊنگ دوران 100 انڊيڪس 94 هزار جي سطح عبور ڪري ويو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 526 پوائنٽن جي واڌ سان 93 هزار 818 تي پهچي ويو.ڪاروبار دوران انڊيڪس 729 پوائنٽس جي اضافي سان 94 هزار 20 جي بلند ترين سطح تي به پهچي ويو، جنهن سان نئون رڪارڊ قائم ٿي ويو.گذريل ڪاروباري هفتي جي آخر ۾ انڊيڪس 93,291 پوائنٽن تي بند ڪيو ويو.

In the stock market