لاهور ۾ ڌنڌ سبب سرگرمين تي پابندي، ملتان گدلوترين شهر قرار

لاهور: لاهور ۾ سموگ سبب ٻاهرين سرگرمين تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن موجب اهي حڪم 11 نومبر کان 17 نومبر تائين لاڳو هوندا.لاهور، ملتان، فيصل آباد ۽ گوجرانوالا جي ضلعن ۾ پابندي لاڳو ڪئي ويندي، خلاف ورزي تي پنجاب انوائرمينٽل پروٽيڪشن ايڪٽ تحت ڪارروائي ڪئي ويندي.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته هر قسم جي ٻاهرين راندين، نمائشن ۽ واقعن تي پابندي آهي.ريسٽورنٽ جي آئوٽ ڊنر تي به پابندي آهي، دڪان، مارڪيٽون ۽ شاپنگ مالز رات 8 وڳي بند ٿي ويندا.نوٽيفڪيشن موجب ميڊيڪل اسٽورز، ليبارٽريز، پيٽرول پمپس ۽ گراسري اسٽورز کي ان پابندي کان استثنيٰ حاصل هوندو، وڏن ڊپارٽمينٽل اسٽورن ۾ رڳو گراسري ۽ ميڊيڪل سيڪشن کليل رهندا.نوٽيفڪيشن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته حڪمن جي ڀڃڪڙي تي قلم 188 تحت سزا ڏني ويندي.

Ban on activities due to dust in Lahore