ڀڃ ڊاهه جي 4 ڪيسن ۾ عمران خان جي ضمانت منظور

لاهور: لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت عمران خان جي 4 ڪيسن ۾ ضمانت منظور ڪري ورتي.
لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ارشد جاويد پي ٽي آءِ باني عمران خان خلاف ڀڃ ڊاهه جي چئن ڪيسن ۾ ضمانت جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.
عدالت عمران خان جي درخواستن تي فيصلو ٻڌائيندي چئني ڪيسن ۾ ضمانتون منظور ڪري ورتيون.
عدالت ن ليگ جي آفيس ساڙن سميت 4 ڪيسن ۾ 5-5 لک رپين جي مچلڪن عيوض عمران خان جون ضمانتون منظور ڪيون.