آسٽريليا کي 9 وڪيٽن تان شڪست، رضوان جا 6 ڪيچ، حارث جون 5 وڪيٽون

ايڊليڊ: ٻئين ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان آسٽريليا کي 26.3 اوورن ۾ 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز هڪ هڪ سان برابر ڪري ڇڏي، جڏهن ته ڪپتان محمد رضوان ميچ دوران 6 ڪيچ پڪڙي عالمي رڪارڊ برابرڪيو آهي. جڏهن ته ستون ڪيچ ڊراپ ڪرڻ سبب هو نئون عالمي رڪارڊ قائم نه ڪري سگهيو. محمد رضوان ميچ ۾ 6 ڪيچ وٺندڙ نائين رانديگر آهي جڏهن ته ٻين 8 رانديگرن ۾ سندس هم وطن سرفراز احمد به شامل آهي. ليجنڊ آسٽريلوي وڪيٽ ڪيپر ايڊم گلڪرسٽ هڪ ون ڊي اننگز ۾ 4 ڀيرا سڀ کان وڌيڪ 6 ڪيچز جو اعزاز حاصل ڪيو. صائم ايوب 71 بالن تي 82 رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿيو، عبدالله شفيق 64 ۽ بابراعظم 15 تي ناٽ آئوٽ رهيا. ٻئي ون ڊي ۾ پاڪستان ٽاس کٽي آسٽريليا کي بيٽنگ جي دعوت ڏني ۽ پاڪستاني بولرز شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي آسٽريليا جي پوري ٽيم کي 35 اوورز ۾ 163 تي آئوٽ ڪري ورتو. اسٽيو سمٿ 35 رنز ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو. حارث رئوف 8 اوورز م 29 رنز ڏئي 5 وڪيٽون ورتيون. شاهين آفريدي 7.5 اوورز م 26 رنز ڏئي 2 وڪيٽون ورتيون. نسيم شاهه 10 اوورز م 65 رنز ڏئي هڪ وڪيٽ ورتي، محمد حسنين 6 اوورز ۾ 27 رنسون ڏئي هڪ وڪيٽ ورتي. صائم ايوب 3 اوورز ۾ 14 رنز ڏنيون پر کيس وڪيٽ نه ملي. شاهين پنهنجي ٻئي اوور ۾ بريڪ ٿرو ڪندي 21 جي مجموعي اسڪور تي اوپنر جيڪ فريزر کي ايل بي ڊبليو ڪيو. 7 اوور ۾ شاهين ٻئي اوپنر ميٽ شارٽ کي بابر هٿان ڪيچ ڪرايو، هن 19 رنسون ٺاهيون. 79 جي مجموعي اسڪور تي 14 هين اوور ۾وڪٽ ڪيپر جوش انگلس 18 رنز ٺاهي حارث جي بال تي رضوان هٿان ڪيچ ٿيو. مارمس لوبسچينج 6 رنسو ٺاهي حارث جي بال تي رضوان هٿان ڪيچ ٿيو، 101 جي اسڪور تي سمٿ 35 رنز ٺاهي محمد حسنين جي بال تي رضوان هٿان ڪيچ ٿيو. جلد ئي حارث ايرون هارڊي کي به رضوان هٿان ڪيچ ڪرايو، هن 14 رنسون ٺاهيون، گلين ميڪسويل کي 16 جي زاتي اسڪور تي حارث بولڊ ڪيو، ان بعد هن پنجون شڪار ڪندي ڪپتان پيٽ ڪمنز کي به رضوان هٿان ڪيچ ڪرايو. آخري وڪيت ايڊم زمپا جي شهاين آفريدي حاصل ڪري آسٽريليا کي 163 تي محدود ڪيو، جوش هيزلووڊ جنهن کي شون ايبٽ جي جاءِ تي کيڏايو ويو، اهو ناٽ آئوٽ رهيو. ٽن ميچز جي ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ ۾ پاڪستان کي دلچسپ مقابلي بعد 2 وڪيٽ تان شڪست ملي هئي.

Defeated Australia by 9 wicketsRizwan Ja 6 catches