جڳ مشهور پيغام رسائيندڙ ايپليڪيشن واٽس ايپ هڪ نئين فيچر ”ريورس اميج سرچ“ تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.
اِهو فيچر اوهان کي ڪنهن به تصوير جي حقيقت جو پتو لڳائڻ لاءِ آن لائين سرچ جي سهولت فراهم ڪندو.
يعني جيڪڏهن ڪنهن دوست اوهان ڏي ڪائي تصوير اُماڻي آهي ته ان جي مستند هئڻ ۾ هي فيچر مددگار ثابت ٿيندو.
اِهو فيچر في الحال اينڊرائيڊ ڊيوائسز لاءِ واٽس ايپ جي بيٽا ورزن ۾ نظر آيو آهي، فيچر جي استعمال ڪرڻو طريقو به صفا سولو آهي.
ڪا به تصوير جيڪا اوهان ڏي اُماڻي وئي آهي ان تي ڪلڪ ڪريو ۽ وري ساڄي پاسي ٿري ڊاٽ مينيو ۾ نئين سرچ آن ويب واري آپشن کي سليڪٽ ڪريو.
ائين ڪرڻ سان اِها تصوير گوگل تي اَپ لوڊ ٿي ويندي ۽ سرچ انجڻ ان تصوير سان ملندڙ جلندڙ تصويرون اوهان جي آڏو پيش ڪندو.
ان طريقي تحت اوهان کي اِهو ڄاڻڻ ۾ ۾ مدد ملي سگهندي ته اوهان ڏانهن اُماڻيل تصوير ڪيتري قدر اعتبار جوڳي آهي.
هونئن ته اِها سهولت اوهان لاءِ پهريان به موجود هئي، جنهن لاءِ اوهان کي تصوير کي ڊيوائس ۾ ڊائون لوڊ ڪرڻ کانپوءِ گوگل اميج سرچ تي اَپ لوڊ ڪرڻو پوندو هو، پر واٽس ايپ طرفان ريورس اميج سرچ کي ان فيچر ذريعي وڌيڪ سولو بڻايو پيو وڃي.
جئين مٿي لکي چڪا آهيون ته اِهو فيچر في الحال بيٽا ورزن ۾ نظر آيو آهي، پر اميد آهي ته اِهو سمورن واهپيدارن لاءِ تمام جلد متعارف ڪرايو ويندو.