ٽرمپ حڪومت اچڻ سان پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن تي ڪوبه اثر نه پوندو: پرڏيهي وزارت

اسلام آباد: پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته ٽرمپ حڪومت جي اچڻ سان پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن تي ڪوبه اثر نه پوندو لاڳاپا وڌيڪ بهتر ٿيندا.

هفتيوار بريفنگ ڏ0يندي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا اندروني معاملن ۾ بنا ڪنهن جي مداخلت تي ٻڌل آهن.

هڪ سوال جي جواب ۾ ممتاز زهرا بلوچ چيو ته حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي بک هڙتال تي سختي ڳڻتي آهي، حريت اڳواڻ ياسين ملڪ کي فوري طور تي صحت جون  سهولتون ڏنيون وڃن.

هن چيو ته پاڪستان ۽ چين سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهيون ڪري رهيا آهن، وزيراعظم چيني سفارتخاني کي چيني شهرين جي سيڪيورٽي جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي.