يو اي اِي جي قونصل جنرل ڊاڪٽر بخيت سان وائيس آف سنڌ جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر جي ملاقات

ڪراچي: وائيس آف سنڌ جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عمير هارون ۽ ڊپٽي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر دانيال جيلاني يو اي اِي جي قونصل جنرل ڊاڪٽر بخيت عتيق الروميتي سان ملاقات ڪئي آهي.

اها ملاقات نهايت ئي خوشگوار ماحول ۾ ٿي، جنهن ۾ ٻنهين ملڪن جي تهذيب ۽ ثقافت تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

هن ملاقات ۾ تهذيب ۽ ثقافت کي وڌائڻ جي حوالي سان گڏيل قدم کڻڻ واري عزم کي ورجايو ويو .

گڏيل عرب امارتن جي قونصل جنرل ڊاڪٽر بخيت عتيق الروميتي وائيس آف سنڌ جي ملڪ ۽ قوم جي بهتري لاءِ ڪوششن کي ساراهيو ۽ هن اداري جي ترقي ۾ ڊاڪٽر عمير هارون جي قائداڻي ڪردار جي کلي تعريف ڪئي .