سياسي پارٽين کي گوشوارا جمع ڪرائڻ جي مهلت ملي وئي

اسلام آباد: : اليڪشن ڪميشن سني اتحاد ڪونمسل سميت ٻين سياسي پارٽين کي ساليانو گوشوارا جمع ڪرائڻ جي مهلت ڏئي ڇڏي.سنڌ جي ميمبر نثار دراني جي سربراهي ۾ 2 رڪني ڪميشن 48 سياسي پارٽين کي ساليانو گوشوارا جمع نه ڪرائڻ تي طلبي تي ٻڌڻي ڪئي.استحڪام پاڪستان پارٽي، پي ٽي آءِ نظرياتي، ايم ڊبليو ايم ۽ بلوچستان عوامي پارٽي سميت ٻيون ڪيتريون ئي پارٽيون اليڪشن ڪميشن ۾ پيش نه ٿي سگهيون.سني اتحاد ڪونسل، پختونخواهه ملي عوامي پارٽي، گرين ڊيمو ڪريٽڪ پاڪستان، پاڪ ڊفينس موومينٽ، بي اين پي مينگل، عام آدم تحريڪ پاڪستان ۽ ٻيون سياسي پارٽيون اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيون.سنڌ جي ميمبر اليڪشن ڪميشن اختيارين کان پڇاڻو ڪيو ته اليڪشن ڪميشن سياسي پارٽين جي خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪري سگهي ٿو؟ اليڪشن ڪميشن اختيارين جواب ڏنو ته اليڪشن ڪميشن سياسي پارٽين جو چونڊ نشان واپس وٺي سگهي ٿو.مختلف سياسي پارٽين ساليانا گوشوارا جمع ڪرائڻ جي لاءِ مهلت جي استدعا ڪئي جنهن تي اليڪشن ڪميشن سياسي پارٽين جي ساليانو گوشوارا جمع ڪرائڻ جي استدعا منظور ڪري ورتي، اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي 21 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.