بجلي وڌيڪ مهانگي ڪرڻ جون تياريون، صارفين تي 8 ارب، 71 ڪروڙ روپين جو بار پوندو

اسلام آباد: بجلي صارفين تي وڌيڪ بار وجهڻ جون تياريون، قيمتن ۾ اضافي جي هڪ ٻئي درخواست نيپرا ۾ جمع ڪرائي وئي آهي.

بجلي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين طرفان درخواست هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ جمع ڪرائي وئي آهي جنهن تي ٻڌڻي 20 نومبر تي ٿيندي بجلي وڌيڪ مهانگي ٿيڻ جي صورت ۾ صارفين تي 8 ارب 71 ڪروڙ روپين جو بار پوندو.

نيپرا دستاويزن موجب ڪيپيسٽي چارجز جي مد ۾ 8 ارب 6 ڪروڙ روپيه، آپريشنز اينڊ مينٽيننس جي مد ۾ هڪ ارب 25 ڪروڙ روپيه گهريا ويا آهن جڏهن ته سسٽم چارجز ۽ مارڪيٽ آپريشنز فيس مد ۾ هڪ ارب 65 ڪروڙ روپين جي درخواست ڏني آهي.

اختيارين موجب نيپرا طرفان درخواست منظور ٿيڻ جي صورت ۾ اهڙو فيصلو ڪي اليڪٽرڪ صارفين تي به لاڳو ڪيو ويندو.

8 billionPreparations to make electricity more expensive