آءِ ايم ايف جي هڪ ٻي شرط به پوري:حڪومت آمدني جي مقابلي ۾ سرڪاري خرچ گهٽ ڪري ڇڏيا

اسلام آباد: وفاقي سرڪار آمدني جي مقابلي ۾ سرڪاري خرچ گهٽ ڪرڻ جي آءِ ايم ايف جي هڪ ٻئي وڏي شرط کي پورو ڪري ڇڏيو آهي. هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽن مهينن ۾ خرچن جي نسبت سرڪاري آمدني نمايان طور تي وڌي وئي.

تفصيل موجب شروع وارن ٽن مهينن ۾ 1696 ارب کان وڌيڪ جو گڏيل فاضل بجيٽ رهيو. وفاق جي آمدني 4019 ارب، خرچ 2483 ارب روپيه، وفاق جو بجيٽ سرپلس 1536 ارب رهي.

انهي دوران صوبن 160 ارب گهٽ خرچ ڪيا، ناڻي واري وزارت موجب پهريان ٽن مهينن ۾ ٽيڪس روينيو 521 ارب، نان ٽيڪس روينيو 2568 ارب روپين تائين وڌي ويو، انهي ۾ پيٽروليم ليوي جي مد ۾ 40 ارب اضافي وصول ڪيا ويا.

اسٽيٽ بينڪ جو منافعو 2500 ارب روپين تائين پهچي ويو. گذريل مالي سال جي انهي مدت ۾ 1031 ارب جي مالي خساري کي منهن ڏيڻو پيو هو