سنڌ ۾ جعلي نمبر پليٽ، ڪارن شيشن وارين گاڏين، هٿيارن جي نمائش ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ حڪومت جعلي نمبر پليٽ، ڪارن شيشن وارين گاڏين ۽ هٿيارن جي نمائش ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي.

سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه جي صدارت هيٺ امن امان بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ گهرو سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ، ايڊيشنل آءِ جي ۽ رينجرز جي نمائندن شرڪت ڪئي.

چيف سيڪريٽري هدايت ڪئي ته جعلي نمبر پليٽن ۽ ڪارن شيشن وارين گاڏين جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي انهي حوالي سان ميڊيا ۾ آگاهي مهم به هلائي ويندي.

اجلاس ۾ ڪميونٽي سرويلنس وڌائڻ لاءِ محلي جي سطح تي واچ گروپ جوڙڻ جو به فيصلو ڪيو ويو، امن امان جي بهتري لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنرز جي نگراني ۾ ڪميونٽي واچ گروپ ٺاهيا ويندا.

action against fake number platescars with car registrationsIn Sindh