پاڪستان ۾ پوليو متاثر ٻارن جو انگ 43 ٿي ويو

اسلام آباد : پاڪستان ۾ هڪ ٻيو ٻار پوليو وائرس جو شڪار ٿي ويو ۽ هلندڙ سال متاثر ٻارن جو انگ 43 تائين پهچي ويو.
بلوچستان جي ضلعي چاغي ۾ هڪ ٻار ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي، اختيارين موجب اهو هلندڙ سال ان ضلعي ۾ پوليو جو پهريون ڪيس آهي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته بلوچستان ۾ هيل تائين پوليو متاثر ٻارن جو انگ 22 ٿي ويو آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ مجموعي انگ 43 تائين پهچي ويو آهي.