نئين دلي: پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ بين الاقوامي مڪسڊ مارشل آرٽس مقابلن ۾ پاڪستاني ويڙهاڪن ميدان ماري ورتو. فيڌر ويٽ ڪيٽيگري ۾ پاڪستاني فائٽر محوش رضا ڀارتي فائٽر روي ساؤ کي شڪست ڏئي ٽائيٽل کٽي ورتو. ايونٽ جي بينٽم ويٽ ڪيٽيگري ۾ پاڪستان جي رفيق آفريدي ڀارت جي پرديپ هودا کي شڪست ڏئي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو.. ٻين ڪيٽيگريز جي فائٽ ۾ به پاڪستاني رانديگر غالب رهيا، پاڪستان جي اعجاز احمد ڀارتي فائٽر انڪيت گجر کي ۽ مجاهد بيگ، راجوير کي شڪست ڏني. جڏهن ته پاڪستان جي مصعب آصف افغانستان جي وحيد احمدي کي شڪست ڏني. انٽرنيشنل مڪسڊ مارشل آرٽس فائٽس دوران افغانستان جي ويڙهاڪن 2 مقابلا کٽي ورتا. افغانستان جي سمير نصرت ۽ امل صديقي کي ڪامياب قرار ڏنو ويو.