چيني سفير جو بيان حيران ڪندڙ ۽ سفارتي روايتن جي عڪاسي نٿو ڪري: پاڪستان

اسلام آباد: پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ چين جي سفير جو بيان حيران ڪندڙ آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي سفارتي روايتن جي عڪاسي نٿو ڪري.هفتيوار پريس بريفنگ ڏيندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته چيني شهرين سان ڪجهه افسوسناڪ واقعا پيش آيا.اسان چيني حڪومت ۽ سفارتخاني جي خدشن کان آگاهه آهيون، اسان چين کي انهن واقعن جي جاچ کان آگاهه ڪيو آهي، پاڪستان ۾ قيادت جي سطح تي هتي جي چيني رهواسين، منصوبن ۽ ڪمپنين جي تحفظ لاءِ عزم جي تجديد ڪئي وئي آهي. ممتاز زهرا بلوچ چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) ڪانفرنس دوران وزيراعظم چيني هم منصب کي چيني شهرين جي تحفظ جو يقين ڏياريو. چيني سفير جو اهو بيان حيران ڪندڙ آهي، سندس بيان پاڪستان ۽ چين جي سفارتي روايتن جي عڪاسي نٿو ڪري.