سک اڳواڻ جي قتل ۾ ڀارتي گهرو وزير ملوث آهي، ڪئناڊا

واشنگٽن: ڪئناڊا جي حڪومت سک علحدگي پسند اڳواڻ هرديپ سنگهه نجار جي قتل ۾ ڀارت جي گهرو وزير اميت شاهه تي ملوث هئڻ جو الزام هنيو آهي. اميت شاهه بي جي پي جي وزير اعظم نريندر مودي جو ويجهو ساٿي آهي. گذريل سال ڪئناڊا جي سرزمين تي سک اڳوڻ جي قتل ۾ ملوث هئڻ جي شڪ تي ڀارتي سفارتڪارن کي ملڪ بدر به ڪيو هو ۽ جوابي طور هندستاني حڪومت ڪئناڊا جي الزامن کي بي بنياد قرار ڏئي ڏيندي سندن سفارتڪارن کي به ڀارت بدر ڪيو هو. اميت شاهه جي قتل م ملوث هئڻ جي خبر واشنگٽن پوسٽ ۾ شايع ٿي هئي. جنهن بعد ڪئناڊا جي نائب پرڏيهي معاملن واري وزير ڊيوڊ موريسن اڱاري تي پارلياماني پينل کي ٻڌايو ته هن آمريڪي اخبار کي ٻڌايو ته شاهه صاحب ان سازش جي پويان هو. ياد رهي ته 1984 کان سک اڳواڻن خالصتان تحريڪ شروع ڪندي سکن جي الڳ وطن جو مطالبو ڪيو هو. ڀارتي وزيراعظم اندرا گانڌي کي سندس سک باڊي گارڊ قتل ڪيو هو جنهن بعد ڀارتي حڪومت سکن خلاف ڪاروائي ڪئي ۽ هزارين سک مارجي ويا هئا. واضح رهي ته آمريڪا ۾ رهندڙ سک علحدگي اڳواڻ کي قتل جي الزام ۾ آمريڪي حڪومت ڀارتي انتيليجنس جي ڪارندي وڪيش ياديو تي فرد جرم عائد ڪيو هو. آمريڪا ۽ ڪئناڊا ڀارتي حڪومت ۽ خاص ڪري سفارتڪارن جي روپ ۾ ڙا جي آفيسرن جي قتل ۾ ملوث هئڻ جا الزام لڳايا آهن.

Indian Home Minister is involved in killing of Sikh leader