ججن جو انگ وڌائڻ وارو بل جمعي تي پيش ڪرڻ جا امڪان

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي انگ ۾ واڌ بابت بل جمعي تي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو.پارلياماني ذريعن موجب سپريم ڪورٽ ۾ ججن جو انگ 17 مان وڌائي 23 ڪيو ويندو ۽ سپريم ڪورٽ چيف جسٽس سميت 23 ججن تي مشتمل هوندي، جڏهن ته حڪومت طرفان ججن جو انگ وڌائڻ جو بل پيش ڪيو ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته بل اڳ ئي بئريسٽر دانيال چوڌري نجي ڪارروائي جي ڏينهن پيش ڪري چڪو آهي.ذريعن موجب بل جي منظوري لاءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس جمعي تائين وڌايو ويو، جڏهن ته ترميمي شيڊيول موجب اجلاس اڄ ختم ٿيڻو هو.ٻئي طرف پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ ترميم تي به مشاورت جاري آهي.