ملڪ ۾ پوليو خلاف مهم اڄ کان شروع ٿي وئي

اسلام آباد : ملڪ ۾ پوليو خلاف مهم اڄ کان شروع ٿي وئي، جنهن ۾ 5 سالن تائين جي 4 ڪروڙ 50 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويندا. ملڪ ۾ پوليو ڪيس ۽ مثبت ماحولياتي نمونن جي تسلسل سبب ملڪ ۾ پوليو مهم هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ستن ڏينهن جي پوليو خلاف مهم اڄ کان 3 نومبر تائين جاري رهندي. لاڳاپيل پوليو مهم دوران ملڪ جي 159 ضلعن ۾ 4 ڪروڙ 54 لک ٻارن، جن ۾ ڪي پي جي 73 لک کان وڌيڪ، بلوچستان جي ساڍا 26 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويندا. اسلام آباد، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ 14 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جي ڦڙا ڏنا ويندا. پوليو مهم دوران ٻارن جي قوت مدافعت ۾ واڌ لاءِ وٽامن اي جي اضافي خوراڪ به ڏني ويندي. صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته پوليو سندن ٻارن کي گهڻو نقصان پهچايو آهي ۽ ان جو خاتمو هڪ قومي هدف آهي. صحت واري وزارت طرفان والدين کي اپيل ڪئي وئي آهي ته ويڪسين جي اهميت کي سمجهن ۽ پنهنجي ٻارن کي ان مهم ۾ پوليو کان بچاءَ جا قطرا لازمي پيارين، ڇو ته فيصلو اڄ ڪرڻو آهي، جيڪڏهن سڀاڻي ٻار کي پنڌ ڪرڻو آهي.هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اسڪولي ٻارڙي کي ڦڙا پياري افتتاح ڪري ڇڏيو