سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جا اجلاس اڄ طلب

اسلام آباد:  سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جا اجلاس اڄ طلب ڪيا ويا آهن، سينيٽ جو اجلاس ٻنپهرن جو ساڍي 4 وڳي ۽ قومي اسيمبلي جو شام 5 وڳي طلب ڪيو ويو آهي.

ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته سينيٽ 5 نڪتن تي ٻڌل ايجنڊا به جاري ڪري ڇڏيو آهي. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني خصوصي سيٽ جڏهن ته مهمان خصوصي روسي فيڊريشن ڪونسل جي فيڊرل اسيمبلي جي اسپيڪر  ويلنٽينا منوينڪو خطاب ڪندي.

قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي شروع ٿيندو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ اجلاس جو 8 نڪتن تي ٻڌل ايجنڊا جاري ڪري ڇڏيو. ايوان ۾ سوالن جي وقفي دوران مختلف سوالن جا جواب ڏنا ويندا.

ذريعن موجب بينوولنٽ فنڊ جي تحت وفاقي سرڪاري ملازمن جي ٻارن جي فيس ادائيگي بابت ڌيان ڏياريو نوٽيس به ايجنڊا ۾ شامل آهي. قانون وارو وزير اعظم نذير تارڙ، صدر آصف زرداري جي خطاب تي اظهار تشڪر جي تحريڪ  پيش ڪندو.