اسلام آباد : عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل ۽ گئس جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي وئي.پرڏيهي خابرو اداري موجب عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ 5 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي.برطانوي خام تيل برنٽ آئل 73 ڊالر في بيرل ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪي خام تيل جي قيمت 68 ڊالر في بيرل جي سطح تي آهي.ٻئي طرف گيس جي عالمي قيمت ۾ ساڍا 3 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب گيس 2 ڊالر 47 سينٽ في ايم ايم بي ٽي يو ۾ وڪرو ٿي رهي آهي.