ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان کي 50 ڪروڙ ڊالر قرض ڏيندو

اسلام آباد : ناڻي واري وزارت چيو آهي ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان کي 50 ڪروڙ ڊالر جو قرض ڏيندو.ناڻي واري وزارت موجب اها رقم ماحولياتي ۽ قدرتي آفتن کان بچاءَ واري پروگرام تي خرچ ڪئي ويندي.ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي صدر ماساتسو گواسڪاوا واشنگٽن ۾ ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب سان ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ هن 500 ملين ڊالرن جي قرض جي فراهمي جو اشارو ڏنو آهي.ناڻي واري وزارت موجب ايشيائي ترقياتي بئنڪ جو بورڊ 29 آڪٽوبر تي نئين قرض جي منظوري تي غور ڪندو.ناڻي واري وزير پاليسي بيسڊ لون جي منظوري ۾ سهڪار تي اي ڊي بي جو شڪريو ادا ڪيو ۽ پاڪستان جي ترقياتي ايجنڊا جي حمايت ۾ اي ڊي بي جي ڪردار کي ساراهيو.ناڻي واري وزارت موجب ناڻي واري وزير اي ڊي بي جي ملڪي پارٽنرشپ فريم ورڪ جي جلد مڪمل ٿيڻ جي اميد جو اظهار ڪيو، ڌرين ملڪي روينيو وڌائڻ ۽ علائقائي تعاون جي ضرورت تي اتفاق ڪيو.ناڻي واري وزير اسلام آباد ۾ اي ڊي بي جي نئين آفيس جي افتتاح جي آجيان ڪئي.

Asian development bank will give 50 billion debt to pakistan