اسلام آباد : جسٽس منصور علي شاهه چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي هڪ وڌيڪ خط لکي ڇڏيو. جسٽس منصور علي شاهه خصوصي بينچ ۾ ويهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو
جسٽس منصور علي شاهه چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي خط ۾ 23 سيپٽمبر 2024ع تي لکيل خط جو حوالو ڏيندي لکيو ته مون کي افسوس آهي ته جيسيتائين فل ڪورٽ بينچ پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس جي آئيني حيثيت ۽ ان جي ترميم جو تعين نٿي ڪري يا عدالت جا جج ان ۾ ترميم تي فل ڪورٽ اجلاس ۾ عمل نٿا ڪن ۽ ٻن سينيئر ججز تي مشتمل گذريل ڪاميٽي بحال نٿي ٿئي، آئون نئين ڪاميٽي ۾ جوڙيل خصوصي بينچن جو حصو نه ٿيندس، صرف باقائده بينچن جي ڪارواين ۾شرڪت ڪندس ته جئين عوامي مفادن جي لاءِ ڪيسن کي ٻڌي سگهان
جسٽس منصور علي شاهه پنهنجي خط ۾ لکيو آهي ته اسان اڪثر اهو وساري ڇڏيون ٿا ته جڏهن اسان طاقت ۾ هوندا آهيون ته هن ملڪ جا ماڻهو اسان جي ڪاررواين کي ڏسندا آهن، ۽ تاريخ ڪڏهن به معاف ناهي ڪندي. آخر ۾ جسٽس منصور علي شاهه خط ۾ سِر ٿامس موري جي قول جو حوالو به ڏنو. جنهن ۾ هن چيو آهي ته جڏهن سياستدان پنهنجي عوامي فرضن خاطر پنهنجا ذاتي ضمير ترڪ ڪري ڇڏيندا آهن ته اهي ملڪ جي تباهي ڏانهن ويندڙ مختصر رستي تي رهنمائي ڪندا آهن.
اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ آئيني بينچز کي ڪيسز جي منتقلي جو سلسلو جاري، نامزد چيف جسٽس آئيني بينچز جي حوالي سان پاليسي جاري ڪري ڇڏي
سپريم ڪورٽ اسلام آباد ۾ شُفا متعلق ڪيس آئيني بينچ کي موڪلي ڇڏيو. نامزد چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي
ٻڌڻي دوران جسٽس شاهد وحيد رمارڪس ڏنا ته ڪيس ۾ ته آئيني شقن جي تشريح ڪرڻي پوندي، هي ڪيس ته هاڻي آئيني بينچ کي منتقل ٿيڻ گهرجي. وڪيل سلمان اسلم بٽ چيو ته ٿيڻو ته اهو ئي آهي
نامزد چيف جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته رجسٽرار آفيس کي آئيني بينچ جي حوالي سان پاليسي ڏئي ڇڏي آهي. آفيس کي هدايت ڪئي آهي ته جن ڪيسن ۽ ڪو قانون چئلينج ٿيو آهي، ان جي الڳ ڪيٽيگري ٺاهي وڃي
نامزد چيف جسٽس چيو ته جن ڪيسن ۾ آئين جي تشريح جي ضرورت ٿي آهي گڏوگڏ منتقل ڪندا رهو. سپريم ڪورٽ جي مختلف بينچز گذريل ڏينهن چار ڪيس آئيني بينچ کي منتقل ڪيا هئا