ڪراچي : سنڌ سرڪار پورهيتن بابت فنڊن جي اوڳاڙي ۽ ڦاٿل فنڊن جي واپسي لاءِ وفاقي سرڪار سان ڳالهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعليٰ هائوس ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ صوبائي وزير سعيد غني، ضياءَ الحسن لنجار ۽ ٻين جي شرڪت ڪئي. وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته سنڌ مان ايف بي آر 2014ع کان 2021ع تائين صنعتي يونٽس کان 22 بلين رپين جي اوڳاڙي ڪئي آهي، ايف بي آر ستن سالن ۾ سنڌ جي 500 يونٽس مان اوڳاڙيون ڪيون آهن. وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته ايف بي آر 2016 کان 2017ع تائين ورڪرز ويلفيئر فنڊ ۽ ورڪرز ويلفيئر پارٽيسپيشن به سنڌ مان جمع ڪندي رهي آهي، ارڙهين ترميم کانپوءِ ايس ڊبليو ڊبليو ايف ۽ ايس ڊبليو پي پي ايف تي رڳو صوبي جو حق آهي، وفاقي سرڪار سان رابطو ڪري فنڊن واپس آندا ويندا. هن چيو ته ورڪرز ويلفيئرز بورڊ پورهيتن جي ٻارن کي مفت تعليم ۽ يونيفارم فراهم ڪندا آهن، 2 لک رپيا پورهيتن کي هر نياڻي جي شادي تي ڏنا ويندا آهن. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت پورهيت جي لاڏاڻي تي سندس خاندان کي ست لک رپين جي مالي مدد ڏيندي آهي. چيف سيڪريٽري وڏي وزير کي آگاهي ڏيندي چيو ته 25 ڏهائي 3 بلين رپيه ملي وڃن ته پورهيتن جي سار سنڀالي لڌي ويندي