انگلينڊ جي 267 جي جواب ۾ پاڪستان جا 73 تي 3 آئوٽ ٿي ويا

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ انگلينڊ جي 3 ميچز واري ٽيسٽ سيريز جو آخري ۽ فيصلائتو ميچ راولپنڊي ۾ کيڏيو پيو وڃي. پهرين ڏينهن جي راند جي پڄاڻي تي انگلينڊ جي 267 رنسن جي جواب ۾ پاڪستان پهرين اننگ ۾ 23 اوورن ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصن تي 73 رنسون ٺاهيون. ڏهين اوور ۾ 14 رنسن تي اوپنر عبدالله شفيق کي شعيب بشير ايل بي ڊبليو ڪيو، 35 جي مجموعي اسڪور تي هن جي آئوٽ ٿيڻ بعد صائم ايوب 43 جي ٽيم جي اسڪور تي 19 رنسون ٺاهي جيڪ ليچ جي بال تي جو روٽ هٿان ڪيچ ٿيو، ڪامران غلام به ٻوٽو نه ٻاري سگهيو ۽ 46 جي مجموعي اسڪور تي 3 رنسون ٺاهي ايٽڪنسن جي بال تي بولڊ ٿيو. ڪپتان شان مسعود ۽ سعود شڪيل 16، 16 رنسون ٺاهي ڪيريز تي موجود آهن. ان کان اڳ انگلينڊ ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ پهرين ڏينهن جي راند دوران انگلينڊ جي پوري ٽيم 68.2 اوورز ۾ 267 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. ملتان ٽيسٽ جيان پنڊي ٽيسٽ ۾ اسپنرز ميدان ملهايو، خيبر ڇختونخوا واسي ساجد خان 6، سانگهڙ واسي نعمان احمد 3 ۽ دادو واسي زاهد محمود هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. انگليند پاران جيم سمٿ 89، بين ڊڪٽ 52، گس ايٽڪنسن 39، اوپنر زيڪ ڪرالي 29، جيڪ ليچ 16 ۽ ڪپتان بين اسٽوڪس 12 رنز ٺاهي نمايا رهيا. ٻيا پليئر ڊبل فگر ۾ به نه اچي سگهيا. ٻنهي ٽيمن هڪ هڪ ٽيسٽ ميچ کٽي آهي، جيڪا ٽيم هي ٽيسٽ ميچ کٽندي اها سيريز به کٽي ويندي.

In response to England's 267