هاءِ ويليو ٽارگيٽ سميت باجوڙ ۾ 9 خارجي دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي: فوجي ترجمان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو آهي ته باجوڙ ۾ انتيليجنس جي بنياد تي ڪيل آپريشن ۾ 9 خارجي دهشتگرد مارجي ويا آهن. جن ۾ 2 خود ڪ بمبار ۽ هڪ هاءِ ويليو ٽارگيٽ به شامل آهن. سيد محمد اليا عرف قريشي استاد جيڪو سندن گروهه جو ليڊر هو، مقابلي ۾ مارجي ويو. گھزريل رات ڪيل ڪاروائي دوران مارجي ويل دهشتگردن وتان وڏي مقدار ۾ بارودي مواد ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن. مارجي ويل خارجي دهشتگرد سيڪورٽي فورسز ۽ عام شهرين تي ڪيترن ئي حملن ۾ ملوث هئا.