ايران تي حملي جو منصوبو تيار، اسرائيل ڪهڙن حدفن کي نشانو بنائيندو؟ اسرائيلي ميڊيا تفصيل ٻڌائي ڇڏيا

تل ابيب:  اسرائيل تازي ايراني ميزائل حملن جي جواب ۾  فيصلو ڪندڙ منصوبو تيار ڪري ورتو آهي جنهن جي تحت ايران جي اهم عهديدارن جي گهرن کي نشانو بنايو ويندو.

عرب ميڊيا اسرائيلي چينل  14 جي رپورٽ جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته اهو منصوبو وزيراعظم نيتن ياهو جي رهائشگاهه تي تازي حملي جي جوابي ڪارروائي جي طور تي تيار ڪيو ويو آهي.

رپورٽ موجب منصوبي ۾ ايراني عهديدارن جون رهائشگاهون، ايراني تيل جي ٺڪاڻن، فوجي هنڌ ۽ سرڪاري عمارتون به شامل آهن.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي فوج ۽ پرڏيهي انٽيليجنس سروس هڪ تفصيلي  منصوبو پيش ڪيو آهي جنهن ۾ ڊگهي فاصلي تائين حدف کي نشانو بنائيندڙ ميزائلن ۽ ويڙهاڪ جهازن جو استعمال به شامل آهي. رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته انهي منصوبي جا تفصيل صرف ڪجهه عهديدارن وٽ هوندا ۽ ايراني حدفن تي حملي کان  ڪجهه دير اڳ پائلٽس کي حدفن جي ڄاڻ ڏني ويندي.

اها اڳڀرائي انهي وقت سامهون آئي آهي جڏهن لبنان جي مزاحمتي تنظيم حزب الله اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي ذاتي رهائشگاهه تي ڊرون حملي جي اطلاع ڏني هئي، انهي کان اڳ ايران اسرائيل تي 400 بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪيا هئا جنهن جي نتيجي ۾ اسرائيل ۾ سائرن وڄڻ شروع ٿي ويا هئا ۽ عوام بنڪرز ۾ پناهه ورتي هئي.

The plan to attack Iran is ready