سپريم ڪورٽ جو نئون چيف جسٽس ڪير ٿيندو؟


ملڪ جو نئون چيف جسٽس منصور علي شاهه، منيب اختر يا يحيٰ آفريدي؟ 26 هين آئيني ترميم تحت نئين چيف جسٽس جي مقرريءَ وارو عمل شروع ٿي ويو

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نئين چيف جسٽس جي مقرري لاءِ 3 سينيئر ترين ججز جا نالا پارلياماني ڪميٽي ڏانهن اماڻي ڇڏيا

ذريعن موجب رجسٽرار سپريم ڪورٽ ذريعي اماڻيل نالن ۾ جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس يحيٰ آفريدي جا نالا شامل، نئين چيف جسٽس جي مقرريءَ لاءِ جُڙيل 12 رڪني خصوصي ڪميٽي جو اِن ڪيمرا اجلاس ڪجهه دير ۾ شروع ٿيڻ وارو

ججن جي مقرري لاءِ جوڙيل پارلياماني ڪميٽي ۾ نوازليگ جو خواجا آصف، احسن اقبال، اعظم نذير تارڙ ۽ شائسته پرويز ملڪ شامل

پيپلزپارٽي پاران راجا پرويز اشرف، سيد نويد قمر ۽ فاروق ايڇ نائڪ ڪميٽي ۾ موجود، جي يو آءِ جو سينيٽر ڪامران مرتضيٰ ۽ ايم ڪيو ايم جي رعنا انصار شامل، پي ٽي آءِ جو بئرسٽر گوهر، علي ظفر ۽ حامد رضا به ڪميٽي ۾ نامزد ٿيل، تحريڪ انصاف ڪميٽي لاءِ 3 ميمبر نامزد ڪرڻ بعد چيف جسٽس جي مقرريءَ واري عمل جو حصو بڻجڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

پارلياماني ڪميٽي اماڻيل ٽن نالن مان ڪنهن هڪ کي ملڪ جو نئون چيف جسٽس مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪندي، پارلياماني ڪميٽي پاران نئين چيف جسٽس جو نالو فائينل ڪري منظوري لاءِ وزيراعظم ڏانهن اماڻيو ويندو

who will be the next chief justice of pakistan