ڪراچي ۾ گرمي جي لهر برقرار رهندي: موسميات کاتو

ڪراچي: ڪراچي ۾ سخت گرمي جي لهر برقرار آهي ۽ موسميات کاتي ايندڙ هفتي به موسم گرم رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
موسميات کاتي طرفان ٻڌايو ويو آهي ته ڪراچي جي موسم ايندڙ 4 کان 5 ڏينهن تائين گرم رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب شهر جو وڌ کان وڌ گرمي پد 39 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي.