يونس خان بهترين رانديگر آهي : مصباح الحق

لاهور: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مصباح الحق چيو آهي ته مان يونس خان کي ڀليڪار چوان ٿو ۽ هو هڪ دفعو ٻيهر اسان سان گڏ پاڪستان جي ڪرڪيٽ وارن رنگن ۾ رنگجي ويندو.

اڳوڻي ڪپتان مصباح الحق چيو ته بطور رانديگر اسان ٻنهي رانديگرن جو ڪيريئر گڏ ئي جاري رهيو. اسان ٻئي هڪ ٻئي کي چڱي طرح سڃاڻون ٿا اسان ٻنهي ملي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي ڪيترن ئي ميچن ۾ تاريخي ڪاميابي ڏياري آهي.

مصباح الحق چيو ته 2010 ۾ جڏهن مون کي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي قيادت ڏني وئي ته ان دوران يونس خان منهنجي حمايت ڪئي ۽ مون کي يقين آهي ته انگلينڊ جي دوري ۾ به يونس خان جي مڪمل سپورٽ حاصل هوندي ڇو ته اسان ٻنهي جو گڏيل مقصد پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي هڪ دفعو ٻيهر ڪاميابين جي رستي ڏانهن کڻي وڃڻ آهي.

مصباح الحق چيو ته هڪ محنتي رانديگر جي حيثيت سان يونس خان جو رڪارڊ بطور هڪ بهترين رانديگر جيان آهي. هو انگلينڊ ۾ ٽيسٽ ميچ دوران اهم ڪارڪردگي ڏيکاريندو. مصباح الحق وڌيڪ چيو ته انگلينڊ جي خلاف سيريز ڪافي مشڪل هوندي.