ڏکڻ لبنان ۾ جهڙپن دوران 3 اسرائيلي فوجي مارجي ويا ۽ 12 زخمي

لبنان : حز ب الله اتر اسرائيل ۾ 90 کان وڌيڪ راڪيٽ ۽ ڊرون حملا ڪيا، جڏهن ته ڏکڻ لبنان ۾ حزب الله ۽ اسرائيلي فوج جي جهڙپن ۾ 3 اسرائيلي فوجي مارجي ويا ۽ 12 زخمي ٿي پيا. يهودي اڳرائي خلاف جوابي ڪارروايون ڪندي اتر اسرائيل تي حزب الله جي 90 کان وڌيڪ راڪيٽ ۽ ڊرون حملن ۾ 3 اسرائيلي فوجي مارجي ويا، 12 فوجي زخمي ٿي پيا ۽ ملڪيتن کي نقصان پهتو. ٻئي طرف اسرائيلي جهازن ڏکڻ لبنان ۾ سرڪاري عمارت تي بمباري ۾ مقامي ميئر سميت 15 ڄڻا شهيد ٿي ويا.لبناني شهر قانا ۾ گهر ۽ طبي مرڪز ۽ اليمونا علائقي ۾ اسرائيلي بمباري سبب 20 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا، 24 ڪلاڪن دورنا 27 ڄڻا مارجي ويا.اسرائيل بيروت ۾ حزب الله جي زمين اندر هٿيارن جي ڊيپو کي به نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ٻئي طرف اسرائيلي وزيراعظم ايران جي اسرائيل تي حملن جو جواب ڏيڻ لاءِ پنهنجي ڪارروائي دوران نشانو بڻائڻ لاءِ ايراني هدف جي منظوري ڏئي ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا ذريعن کان ٻڌايو آهي ته اسرائيلي وزيراعظم بن يامين نيتن ياهو گذريل مهيني ايران طرفان ڪيل سڌي ريت ميزائل حملن جي جواب ۾ اسرائيلي ڪارروائي لاءِ ايراني هدف جي منظوري ڏئي ڇڏي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته امڪاني اسرائيلي جي شروعات لاءِ ڪو وقت مقرر نه ڪيو ويو آهي.