اسحاق ڊار جو عهدو اعزازي آهي، اهو ڊپٽي وزيراعظم جا اختيار استعمال نٿو ڪري: حڪومت عدالت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو

ڪراچي: وفاقي سرڪار اسحاق ڊار جي بطور ڊپٽي وزيراعظم جي مقرري جي معاملي تي عدالت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي بطور ڊپٽي  وزيراعظم مقرري جي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. جنهن سلسلي ۾ سرڪاري وڪيل ۽ درخواستگذار عدالت ۾ پيش ٿيا.

ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل وفاقي حڪومت کان عدالت ۾ لکت ۾ جواب جمع ڪرايو جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اسحاق ڊار کي ڊپٽي وزيراعظم جو اعزازي عهدو ڏنو ويو آهي اهو ڊپٽي وزيراعظم جي اختيارن کي استعمال نٿو ڪري

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس سوال ڪيو ته اهڙي قسم جو اڳ ڪيس داخل ڪيو ويو هو ۽ انهي تي عدالتن جا فيصلا ڪهڙا هئا؟ 2012 ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ پرويز الاهي جي ڊپٽي وزيراعظم جي عهدي تي مقرري خلاف ڪهڙو فيصلو ڏنو هو.

Ishaq Darwho is honorary