ٻيون ٽِسٽ: پاڪستان پهرين اننگز ۾ 366 رنسون ٺاهي آل آئوٽ

ملتان: انگلينڊ ۽ پاڪستان وچ ۾ ٻيون ٽيسٽ ميچ ملتان ۾ کيڏيو پيو وڃي جتي پاڪستاني ٽيم 366 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي آهي.

ملتان ٽيسٽ جي ٻئين ڏينهن پاڪستان کي محمد رضوان جي صورت ۾ نقصان برداشت ڪرڻو پيو جڏهن هو 41 رنسن ٺاهي آئوٽ ٿيو، انهي کان پوءِ سلمان علي آغا 31 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو.

قومي ٽيم کي اٺون نقصان ساجد خان جي شڪل ۾ برداشت ڪرڻو پيو، ساجد 2 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو انهي کان پوءِ عامر جمال 37 ۽ نعمان علي 32 رنسون ٺاهي پويلين موٽيا.

گذريل ڏينهن قومي ٽيم 5 وڪيٽن جي نقصان تي 259 رنسون ٺاهيون هيون. اڄ محمد رضوان 37 ۽ سلمان علي آغا 5 رنسن سان ٻئي ڏينهن جي راند جي شروعات ڪئي هئي.

پاڪستان ٻئين ٽيسٽ ميچ ۾ انگلينڊ جي خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو هو. قومي ٽيم طرفان عبدالله شفيق 7، سعود شڪيل 4 ۽ ڪپتان شان مسعود 3 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.

ڊيبيو ڪندڙ ڪامران غلام شاندار سينچري ٺاهي ۽ 118 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو جڏهن ته صائم ايوب به 77 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. ياد رهي ته انگلينڊ کي 3 ميچز جي سيريز ۾ هڪ ٻُڙي جي برتري حاصل آهي.

second test match in mutan pakistan all out in his first inning did 366 runs