آئيني ترميم عدليه تي حملو قرار: وڪيلن پاران ملڪ گير تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان


ڪراچي :آل پاڪستان وڪيلن جي ڪنوينشن آئيني ترميم کي رد ڪندي ملڪ گير تحريڪ شروع ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

ڪالهه ڪراچي بار جي ميزباني هيٺ ٿيل ڪنوينشن کي خطاب ڪندي  سپريم ڪرٽ بار جي اڳوڻي صدر علي احمد ڪرد چيو ته 2007ع ۾ وڪيلن جي تحريڪ هلائي هئي، ان وقت هڪ جرنيل سان مقابلو هو،  اڄ به اسان ساڳيا وڪيل ميدان ۾ آهيون

هن چيو ته هن وقت جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو ڳجهي طرح ڪيو پيو وڃي، پر اسان پوئتي  وار ڪرڻ  سکيا ناهيون

هن چيو ته ترميم جون ڳالهيون ڪندڙ پارليامينٽ جي ميمبرن پاڻ آئيني ترميم جو مسودو به نه ڏٺو آهي، جڏهن ته  هٿ اڳي ۾ ئي اٿيا آهن هن وقت جيڪي ترميمون اچي رهيون آهن، اهي آئين جي منهن تي ڪارا داغ هونديون، اهڙو آئين هڪ فرد کي به انصاف نه ڏئي سگهندو

هن چيو ته بلوچستان مان سپريم ڪورٽ ۾ جيڪي به جج ٿيا، اهي جج سڏائڻ جا حقدار ناهن،  مون کي سنڌ جي تاريخ جو شوق آهي، هتي صوفي ۽ عظيم شخصيتون پيدا ٿيون آهن آئون سنڌ جي اجرڪ جي لڄ رکندس

بلوچستان هاءِ ڪورٽ بار جي صدر افضل حريگال چيو ته اسان آئين لاءِ قربانيون ڏنيون آهن اسان کي عوام جو ڪيس وڙهڻو آهي، اسان کي ترميمن بابت دليلن سان قائل ڪريو، جيترا به ترميمي  مسودا آهن، اهي اسان سان به شيئر ڪيا وڃن، هن چيو ته جيڪڏهن ارڙهين ترميم تي ڳالهه ٿي سگهي ٿي ته هاڻي ڇو نه؟

هن چيو ته منهنجو تعلق هڪ اهڙي صوبي سان آهي، جتي آئين جو ڪو به آرٽيڪل مون کي تحفظ نٿو ڏئي، هن چيوته آئيني ترميم لاءِ اعتماد نه ورتو ويو ته گهرو ويڙهه ٿيندي، مونجهاري جي صورت ۾ ملڪ کي انتشار ڏانهن وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، لولي لنگڙي عدليا کي بچائڻ لاءِ عوام کي ٻاهر نڪرڻو پوندو، هتي بنگلاديش يا ترڪي جو ماڊل نه هلندو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي صدر رياست علي آزاد چيو ته ڪو به وڪيل تجويز ڪيل آئيني ترميم سان  اتفاق نٿو ڪري سگهي،  انهي ترميم کانپوءِ سيڪيورٽي جي نالي ۾ ڪنهن کي به گرفتار ڪرڻ تي رٽ پٽيشن  داخل نه ٿي سگهندي سياسي پارٽي تي پابندي جو ڪيس به آئيني عدالت ۾ ويندو، اهو نج  انساني حقن جو مسئلو آهي، هن چيو ته آئيني عدالت جو حلف پڻ پي ايس او ججن وري حلف جهڙو آهي، هن چيو ته  وڪيل اڳ ۾ ڪڏهن به نه جهڪيا آهن ۽ نه هاڻ جهڪندا

مسلم ليگ لائرز فورم جي جنرل سيڪريٽري راجا خليق الزمان انصاري چيو ته آئون توهان کي يقين ڏياريان ٿو ته ڪجهه به غير قانوني نه ٿيندو، جيڪڏهن حڪومت ڪو غيرقانوني ڪم ڪيو ته مزاحمت ڪنداسين, آئيني ترميم ذريعي غريب جو پٽ به جج بڻجي سگهي ٿو

سپريم ڪورٽ جي ايڊووڪيٽ فيصل صديقي چيو ته چيف جسٽس ئي سڄي بحران جو ذميوار آهي، هو سپريم ڪورٽ ۾ سينارٽي تڪرار پيدا ڪرڻ چاهي ٿو، اڳوڻي صوبائي وزير بيرسٽر شاهده جميل چيو ته آئون وڪيلن کي صلاح ڏيان ٿي ته اهي احتياط ڪن، هن وقت  هر هڪ پارٽي وٽ آئيني ترميم جو الڳ مسودو آهي، جيڪڏهن آئيني عدالت ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ٽڪراءُ ٿيو ته ڇا ٿيندو؟ چيو پيو وڃي ته صدر نئين آئيني عدالت جي پهرين سربراهه کي مقرر ڪندو,ڇا ائين ڪرڻ عدليه ۾ مداخلت ناهي؟

لاهور هاءِ ڪورٽ بار جي صدر اسد منظور بٽ چيو ته اڄ سموريون بارز ساڳئي صفحي تي آهن، اسان جي ڪوشش آئين جي بالادستي لاءِ آهي

هن چيو ته هن وقت حالت اها آهي ته حڪومتي وزير به ترميم جي مسودي کان بي خبر آهن، هن چيو ته جيستائين هر شهري کي حق نه ملندا، تيستائين اسان جي جدوجهد جاري رهندي، پاڪستان بار ڪائونسل  جي ميمبر شفقت چوهاڻ چيو ته اسان آئين جي خلاف هر ترميم جي هر حد تائين مزاحمت ڪنداسين، پشاور هاءِ ڪورٽ بار جي صدر فدا گل چيو ته آئيني ترميم خلاف وڪيل ٻاهر نڪرندا ۽ عدليه جي آزادي جي حمايت ڪندا

سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي نائب صدر زبير ابڙو چيو ته آئيني ترميمون سڀاڻي سندس حمايت ڪندڙ پارٽين خلاف استعمال ٿينديون

وڪيل اڳواڻ منير اي ملڪ چيو ته اسان جنهن موڙ تي بيٺا آهيون اهو 2007 کان وڌيڪ خطرناڪ آهي ، ان وقت چيف جسٽس خلاف رڳو هڪ ريفرنس هو، هن وقت سڄي عدالتي نظام خلاف ريفرنس آيل آهي، آئون آئيني ترميم کي عدليه جي آزادي تي حملو سمجهان ٿو، ايگزيڪيوٽو پاران  ججن جي مقرري سان عدليه جي ساک ڪهڙي ٿيندي؟

هن چيو ته 17 آڪٽوبر تي شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس کانپوءِ وڪيل برادري ڪاريون پٽيون ٻڌي عدالت ۾ پيش ٿئي,وڪيلن جا ڪنوينشن سڏائي جامع تحريڪ جو رخ طئه ڪيو وڃي، هاڻي مرڻ يا مارڻ جو وقت آهي جيڪڏهن آئيني پيڪيج منظور ٿيو ته وڪيلن جو پيشو بي معنيٰ ٿي ويندو.

Consistutional amendment is a war on judiciary