ڀارت روانو ٿيڻ وقت جي شنڪر بهترين ميزباني تي پاڪستاني حڪومت جو ٿورو ادا ڪيو

اسلام آباد: ڀارتي پرڏيهي وزير جي شنڪر شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي  اجلاس ۾ شرڪت کان پوءِ پنهنجي ملڪ واپس روانو ٿي ويو

ڀارتي ميڊيا موجب پرڏيهي وزير جي شنڪر ايڪس(ٽوئٽر) تي لکيو ته بهترين ميزباني ڪرڻ تي پاڪستاني حڪومت جو ٿورو ادا ڪريان ٿو. جي شنڪر وڌيڪ لکيو ته پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف جو به ٿورو ادا ڪريان ٿو.

ڀارتي پرڏيهي وزير پرجوش استقبال ۽ بهترين ميزباني تي پنهنجي هم منصب اسحاق ڊار ۽ پاڪستاني عوام جو به ٿورو ادا ڪيو آهي.

Indian foreign minister jai shankar thanks to pakistani govt for great hospitility