شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس دوران تنظيم جي قيادت روس حوالي ڪئي وئي، سربراهي اجلاس جي گڏيل پڌرنامي تي ڀارت جي پرڏيهي وزير جئي شنڪر ۽ ٻين صحيحون ڪري ڇڏيون، وزيراعظم شهباز شريف ايس سي او جي سربراهي ملڻ تي روس کي واڌايون ڏنيون، ايس سي او جي ميمبر ملڪن تنظيم جي بجيٽ جي منظوري به ڏني، وزيراعظم شهباز شريف ايس سي او ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته افغان سرزمين جو دهشتگرديءَ لاءِ استعمال روڪڻو پوندو، عالمي برادري انساني بنياد تي افغانستان ۾ امداد تي ڌيان ڏئي، پاڪستان هڪ پرامن ۽ خوشحال افغانستان جو خواهشمند آهي، شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي ميزباني پاڪستان لاءِ اعزاز آهي، قدرتي آفتن ۽ ٻين چئلينجز کي گڏجي منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي